حسن شيخ

حسن شيخ

حسن شيخ

حسن شيخ: نامور اداڪار ۽ هدايتڪار شيخ حسن جو اصل نالو شيخ مخدوم حسين هو. هيءُ 14 مئي 1922ع تي بمبئيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ انجنيئر هو، پڙهيل لکيل گهراڻو هئڻ ڪري هن کي به تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪا ڏُکيائي نه ٿي. سندس گهر جي ڀرسان ئي فلمي نگار خانا هئا، جتي ڪيتريون ئي فلمون ٺهنديون هيون. هي به نائين درجي تائين تعليم حاصل ڪري اسٽوڊيو جا چڪر ڪاٽڻ لڳو، ۽ 20 رپيا ماهوار پگهار تي هڪ فلمي اسٽوڊيو ۾ ملازم ٿيو. 1937ع ۾ هندستاني فلم ’حاتم طائيءَ‘ ۾ ڪم ڪيائين، ان وقت پاڻ عمر جي لحاظ کان ننڍو هو. اڳتي هلي ’رڪشاوال‘ ۽ ’گورک‘ فلمن ۾ ڪم ڪيائين، جيڪي تمام گهڻيون مشهور ٿيون. پهريون ڀيرو فلم ”قرباني“ ۾ وِلين جو ڪردار ادا ڪيائين. هن فلم هن کي عروج تي پهچائي ڇڏيو ۽ هر هڪ هدايتڪار هن کي پنهنجي فلم ۾ وِلين جي ڪردار جي آڇ ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ ٻين ڪيترين ئي فلمن: دک سک، گوالن، شهنشاهه بابر، پرديسي، ڪون ڪسي ڪا، پجارن، مهمان، واهه ري زمانه، تان سين، ڇين لي آزادي، لاکون ۾ ايڪ، ۽ بڇڙي بالم ۾ ڪم ڪيائين. بڇڙي بالم ۾ اداڪار ۽ معاون، هدايتڪار جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. ان بعد ڪيترن ئي هدايتڪارن سان گڏجي ڪم ڪيائين. مڪمل تربيت حاصل ڪري فلم ’شهنشاهه‘ بنائڻ جو ارادو ڪيائين. هن فلم جا مرڪزي ڪردار الطاف ۽ بيگم پاره ادا ڪيا.
ورهاڱي واري دور ۾ هيءُ پاڪستان آيو. هتي اچي حسين شاهه فاضلاڻيءَ جي سنڌي فلم ’عمر ماروي‘ ٺاهيائين. پاڪستان کان پوءِ سنڌي زبان ۾ اها پهرين فلم هئي، جنهن کي بعد ۾ اردو ۾ ڊب ڪري پاڪستان جي سڀني صوبن ۾ رليز ڪيائين. کيس سنڌي هدايتڪاريءَ جو ابو سڏيو ويو آهي. هن ڪيترن نون چهرن کي متعارف ڪيو. هن ڪيتريون اردو فلمون: ’جوش جهاد‘ ۽ ’لاکون فساني‘ ٺاهيون، جيڪي به ڪامياب ويون. ان کان پوءِ ٻي سنڌي فلم پرائي زمين ٺاهيائين، جنهن پڻ سٺو بزنس ڪيو.
1966ع ۾ پيش ٿيندڙ تاريخي فلم ’جاگ اٺا انسانحسن شيخ جي ڪوششن جو نتيجو آهي. هيءَ هڪ تاريخي فلم آهي. هيءَ فلم تمام گهڻي پسند ڪئي وئي ۽ کيس سال جي بهترين فلمن ۾ شمار ڪيو ويو. ان کانسواءِ سنڌي فلم ’شهرو فيروز‘ ۽ اردو فلمون: امرائو جانِ ادا، امتحان ۽ آن بان به ٺاهيائين. شيخ حسن ڏهن کان مٿي سنڌي اردو فلمون ٺاهيون ۽ ڪيترين فلمن جو اداڪار، هدايتڪار ۽ معاون ٿي رهيو.


لفظ حسن شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.05.14  عيسوي

نامور اداڪار ۽ هدايتڪار شيخ حسن جو اصل نالو شيخ مخدوم حسين هو. هيءُ 14 مئي 1922ع تي بمبئيءَ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تنوير انجم
سندري اتمچنداڻي
ثمينه پيرزاده
عبدالمجيد نائچ
ڀِندل
حميد عظيم آبادي
ابوالڪلام آزاد
سيد مدد علي شاهه ڊاڪٽر
سريچند ميوارام
سريندر ناٿ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون